اشاعتیں

دور حاضر ۾ الحاد جو فتنو

تصویر
هون ته اسان جا عام مسلمان الحاد جي فتني کان بلڪل اڻ واقف آھن کين اهائي خبر ناهي ته الحاد آخر ڪهڙي بلا جو نالو آھي مان سولي سنڌي ۾ بيان ڪريان ته اسلام جو نالو وٺي پاڻ کي مسلمان سڏائي اسلامي نالو استعمال ڪري اسلام کي ڏنگيندڙن ناگن کي الحاد پرست چيو وڃي ٿو مثال اڄ ڪل جي ضرورت کان زياده پڙھيل لکين کي توهان ڪڏھن عيضوي تي اعتراض ڪندي ڏسندا هوندا ته ڪڏھن ڪنهن غير مسلم ڇوڪري جي اسلام قبول ڪرڻ تي ماتم ڪندي ڏسندا هوندا اهي الحاد پرست آھن انهن اسلام جي چارديواري ۾ رخنه اندازي ڪندڙن جي دعوي  آھي ته اسلام جي اصل روح پهرين صدي جي درميان يا تقريبن آخر ۾ دفن ٿي رهجي وئي  ۽ ھاڻ جيڪو اسلام مسلمانن وٽ آھي سو اسلام ناهي جيڪو نبي ڪريم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم پيش ڪيو هو بلڪ هي ملان جو گهڙيل اسلام آھي جيڪو زندگي جي حرارت کان محروم آھي نعوذالله الله رب العزت حضور خاتم النبيين صلي الله عليه وسلم جي برڪت سان امت محمديه تان اجتماعي عذاب هٽائي ڇڏيو آھي يعني هاڻ ھن امت تي ڪو اهڙو عذاب نه ايندو جنهن سان پوري امت هلاڪ و برباد ٿي وڃي ليڪن اهل ايمان جي امتحان ۽ آزمائش جي لاء فتنه برابر پيدا ٿي...

قوم پرستي جو فتنو آخر ڪٿان آيو ؟

تصویر
قوم پرستي جو فتنو آخر ڪٿان آيو ؟ اهو هر زي شعور سنڌي مسلمان جي زهن ۾ سوال آھي ته آخر هي قوم پرستي جو فتنو سنڌ ۾ ڪٿان آيو ڇو آيو غدار ٿي ھٿيار کڻي ملڪي انتظام سان وڙھڻ ته سمجھ ۾ اچي ٿو مگر جي ايم جيڪي قوم پرستي جا نظريه آندا حالانڪ موصوف جي علمي قابليت کان هر ڪو واقف آھي هڪ نان ميٽرڪ آنڱوٺي ڇاپ پاران آندل ڇا اهي خود ساخته چئي سگهجن ٿا ؟ يا اهو هڪ پلاننگ تحت ڪيو ويو ؟ هي اهم سوال آھن جنهن جا جواب طلب آھن ڳڏو ڳڏ ٿورو عرصو اڳ اهو واضح ٿيو ته جي ايم سيد صاحب يهودي تنظيم فري ميسن جو مستقل ميمبر هو اهو زهن ۾ رکي جڏھن تحقيق ڪئي سين ته خبر پئي جنهن کي اڳتي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته جي ايم سيد سنڌ ۾ جيڪي قوم پرستي جا نظريه آندا سي اصل ڪٿان کان ڪاپي ڪيا ويا . قومیت یا قوم پرستي جو نظریو ماڊرنسٽ نظریات جي طرح یورپ جي پیداوار آھي صنعتي انقلاب  یورپي معاشري ۾ ٻه وڏيون تبدیلیون پیدا ڪيون هيون شهرن جي طرف مهاجرت روایتي قبائلي ۽ خانداني وابستگين کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو ۽ چرچ جي زوال ماڻھن کي جوڙڻ واري مذهبي قوت کي ڪمزور ڪيو نئي معیشت جي هي ضرورت هئي ته انسانن کي وڏي پیماني تي جوڙڻ واري ۽ انه...

ڇا قوم پرستي اسلام ۾ جائز آھي ؟

تصویر
لسانيت قوميت ۽ عصبيت جو فتنو   تمام تعریفون انهي ذات جي لاء جنهن هڪ انسان سان پوري انسانیت کي وجود بخشيو ۽ درود و سلام انهي هستي تي جنهن انسانیت کي آداب زندگي سيکاريو ۽ خدا جون رحمتون هُجن انهن برگزیدہ ٻانهن تي جنهن جي طفیل اسانکي هدایت جو رستو نصیب ٿيو اسان سڀ انهي ڳالھ کان واقف آھيون ته دنیا ۾ سڀ کان پهريون انسان حضرت آدم علیه السلام هو جنهن کي بندگي جي خاص مقصد جي تڪمیل لاء الله تعالیٰ پیدا فرمایو بعد ۾ سندن کُک مان انسانیت جي ماء حضرت حواء علیھا السلام کي پيدا فرمايو ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ گهڻيون عورتون پيدا فرمايون، سُوۡرَۃُ النِّسَآءِ آيت 01 اولادِ آدم جو هي ڦيلائو انهي قدر وڌيو ته هاڻ انسان هڪ گھر یا گھراڻي کان نڪري ڪافي اڳتي وڃڻ لڳا هئا ايستائين جو کين شناخت ۽ سُڃاڻپ جي ضرورت پیش اچڻ لڳي ته حق تعالیٰ شان هو پنهنجي حڪمت ومصلحت سان مختلف جٿن ۽ قبائل سآن متعارف ڪرايو تاڪه باهمي شناخت ۽ سُڃاڻپ جو فائدو حاصل ٿي سگهي (الحجرات آيت 13) ۽ پوء ھر قبیلي جي لاء مستقل رھنمائي ڪرڻ وارو سامانِ رسد وهدایت پهچائڻ واري جو انتظام به فرمایو ظاهر آھي ته زماني جي گردش سان ڳڏو...

بُت پرستي ڪڏھن کان شروع ٿي ؟

تصویر
بُت پرستي ڪڏھن کان شروع ٿي ؟   اڪثر و بيشر اهو تاثر پيش ڪيو ويندو آھي ته بت پرستي ابتدائي انساني تاريخ کان شروع ٿي ويل ڌرم آھي ۽ اسلام صرف حضور صلي الله عليه وسلم پاران نبوت جي اعلان ڪرڻ سان شروع ٿيو انهي کان اڳ اسلام نه هو هڪ لک 24 هزار پيغمبرن جيڪو دين آندو سو اسلام نه هو وغيره وغيره هي هڪ نهايت مڪارانا سوچ آھي جيڪا عام ماڻھن جي زهن ۾ پيوست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ۽ نظر ۾ اهو آيو آھي ته اڪثريت انهي کي بناسوچ ويچار جي تسليم به ڪندي آھي ليڪن حقيقت انهي جي بلڪل مختلف آھي اسلام حضرت آدم عليه السلام کان شروع ٿيو الله تعالي طرفان موڪليل هڪ لک 24 هزار پيغمبرن اسلام جي تبليغ ئي ڪئي آھي هر نبي سڳوري جي عبادت جا طور طريقه ڀلي کڻي زير زبر جو فرق رکندڙ ھُجن مگر الله کي هڪ ڪري مڃڻ وارو نظريو هڪ ئي رهيو آھي جڏھن ته بُت پرستي جو نظريو حضرت ادريس عليه السلام جي قوم ۾ آيو مگر انهي جي باري ۾ ايتري معلومات ميسر ناهي جنهن بعد اهو نظريو حضرت نوح عليه السلام جي اُمت ۾ شروع ٿيو انهي وقت پنج اهڙا  بزرگ ڪاملين هئا جيڪي وصال فرمائي ويا ته انهن جا مجسمه ٺاهڻ شروع ڪيا جيئن اڄ ڪل شاه عبدالطيف ڀٽا...

ڇا انسانيت مذهب کان مٿاهين آھي ؟؟

اڄ سڄي دنیا جون قومون اسلام ۽ مسلمانن خلاف هڪ زبان ٿيل آھن ۽ انهن جي انسانیت نواز متوازن پیروڪارن کي نهایت چالاڪي ۽ مڪاري سان ذرائع ابلاغ جو استعمال پنهنجي پوري قوت وتوانائي اسلام ومسلمان دشمني ۾ صرف ڪرايو پيو وڃي نت نوان فلسفه ایجاد ڪري اهڙو ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن دنیا جا ماڻھو اسلام ۽ مسلمانن کان انهي قدر بيزار ٿي وڃن جو ڪو به هنن جي ويجهو نه اچي سگهي نه هنن جي ڪو ڳالھ ٻڌڻ پسند ڪري انهن پاران جيڪو سڀ کان اهم سبجيڪٽ آھي سو اهو آ ته انسان مذھب کان وڏو آھي يعني هر شئي کان وڏي انسانيت آھي ظاهري ته اهو مذهب بيزاري جو ڌوڪو آھي لادينيت وڌائڻ جي چال مڪر ۽ فريب آھي انهي پويان ٻيا به ڪارڻ آھن _ اهو هڪ دجل يعني اهم هٿيار آھي ۽ انهي هٿيار سان شڪار به اهل علم طبقي کي ڪيو ويندو آھي سوال اهو آھي ته ڇا انسان مذھب کان واقعي وڏو آھي ؟؟؟ انهي سوال جو جواب نهايت اهم آھي سڀ کان پهرين ڳالھ ته ڪائنات جي تخليق ايمان لاء ٿي آھي الله انسانیت جو خالق آھي ۽ الله جي ويجهو دین مقبول صرف اسلام آھي ۽ خالق ئي پنهنجي مخلوق جي تقاضن ۽ ھر هر حالت کان بخوبي واقف آھي سو انسانیت کي اسلام ۾ سمیٽي ڪري رکيو و...

سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ ترقي

دنيا جي تعليمي ادارن مان پڙھندڙ ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن مان پڙھندڙن جو فرق دنياجي هائر تعليمي ادارن مان علم حاصل ڪندڙ سائنٽس ٿيا انجنيئر ٿيا ۽ هو ھڪ طرف وڃي چنڊ تي پهتا دنيا ۾ ٿيندڙ هي ايجادون انهي جو واضح ثبوت آھن مگر جڏهن اسان پنهنجي سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن مان پڙھي فارغ ٿيندڙن جي حالت زار ڏسون ٿا ته دل روئي ٿي پنهنجي ايندڙ نسلن کي يقين سان تباه ٿيندي ڏسون پيا ڇو ته اسان جي سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن ۾ صرف طالب علمن جو برين واش ڪري کين قوم پرست بنايو ويندو آھي جنهن جي اڪثريت پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوء ڪامريڊ ٿي صرف روڊ رستا ناپڻ ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندي ڳاڙھا جهنڊا هٿن ۾ کڻي جي ايم شاه ۽ عبدالواحد آريسر جهڙي نان ميٽرڪ جاهلن جي فلسفي تي هلندي ملندي بس 24 ڪلاڪ خواري الغرض سنڌ جي تعليمي ادارن مان پڙھي ڪو سائٽس انجنئير ته ڪون ٿيو ها مگر ڪجھ شاعر اديب دانشور ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ضرور ملي ويندا جنهن ۾ رسول بخش پليجو اياز پليجو هجي شيخ اياز هجي ابراهيم جويو عطاڀنڀرو هجي يا وري جامي چانڊيو هجي يا اهڙا بيشمار ٻيا هجن جنهن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي ۽ اسلام کي غلط ٺاهي ٺُڪي پيش ڪيو مجاهدن کي انتها پسن...

جاهل پير شيطاني صفت صوفي

جاهل پير شيطاني صفت صوفي , اسان جي هن معاشري ۾ خاص ڪري شاه سڏائيندڙ جاھل پیرن ۽ شیطاني صفت صوفین ماڻھن ۾ علماء ڪرام جي باري ۾ بغض ڀري رکيو آھي جڏھن جڏھن علماء ڪرام عوام جي اصلاح جي لاء جعلي پیرن جو رد ڪندا آھن ته جاهل عوام خاص ڪري سني عوام عالمن جي مخالف اچي کين گاريون ڏيڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ پنهنجي آخرت برباد پيا ڪندا آھن ڊاڪٽر جلالي خلاف جاهل پيرن ۽ شيطان صفت صوفين پاران جنهن طرح جاهل مريدن کي استعمال ڪيو ويو يا ڪيو وڃي پيو تنهن کان هر زي شعور واقف هوندو صرف جلالي نه بلڪ هر حق گو عالم دين خلاف اهڙي طرح جاهل مريدن کي استعمال ڪيو ويو ۽ ڪيو وڃي پيو تنهن جا بي شمار مثال سامهون آھن ڳالھ صرف رباني عالمن تائين محدود ناهي انهن شيطان صفت پيرن ۽ انهن جي جاهل مريدن هٿان نه ناموس اولياه الله محفوظ آھي نه ناموس اصحاب رسول مان هتي اهو ضرور چوندس پیر جي ڪامل هجڻ جي لاء مرید جو جاهل هجڻ انتهائي ضروري آھي جيترو وڏو جاهل مرید هوندو پير ايترو وڏو ڪامل ۽ پهتل هوندو دنیا ۾ توهان کي کوڙ سارا روحانیت جا دعويدار نظر ايندا جيڪي ڪوڙا هوندا جنهن جو باطن برائین کان پاڪ ناهي هوندو حیرت اُنهي وقت ٿيندي آھي...