ڇا قوم پرستي اسلام ۾ جائز آھي ؟
لسانيت قوميت ۽ عصبيت جو فتنو
تمام تعریفون انهي ذات جي لاء جنهن هڪ انسان سان پوري انسانیت کي وجود بخشيو ۽ درود و سلام انهي هستي تي جنهن انسانیت کي آداب زندگي سيکاريو ۽ خدا جون رحمتون هُجن انهن برگزیدہ ٻانهن تي جنهن جي طفیل اسانکي هدایت جو رستو نصیب ٿيو اسان سڀ انهي ڳالھ کان واقف آھيون ته دنیا ۾ سڀ کان پهريون انسان حضرت آدم علیه السلام هو جنهن کي بندگي جي خاص مقصد جي تڪمیل لاء الله تعالیٰ پیدا فرمایو بعد ۾ سندن کُک مان انسانیت جي ماء حضرت حواء علیھا السلام کي پيدا فرمايو ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ گهڻيون عورتون پيدا فرمايون، سُوۡرَۃُ النِّسَآءِ آيت 01
اولادِ آدم جو هي ڦيلائو انهي قدر وڌيو ته هاڻ انسان هڪ گھر یا گھراڻي کان نڪري ڪافي اڳتي وڃڻ لڳا هئا ايستائين جو کين شناخت ۽ سُڃاڻپ جي ضرورت پیش اچڻ لڳي ته حق تعالیٰ شان هو پنهنجي حڪمت ومصلحت سان مختلف جٿن ۽ قبائل سآن متعارف ڪرايو تاڪه باهمي شناخت ۽ سُڃاڻپ جو فائدو حاصل ٿي سگهي (الحجرات آيت 13) ۽ پوء ھر قبیلي جي لاء مستقل رھنمائي ڪرڻ وارو سامانِ رسد وهدایت پهچائڻ واري جو انتظام به فرمایو ظاهر آھي ته زماني جي گردش سان ڳڏو ڳڏ انسان ھدایت جي رستي کان پري ٿيڻ لڳي جنهن جي نتیجي ۾ انسانیت ۾ مختلف روحاني ۽ اخلاقي مرض مُبتلا ٿيا جنهن هر جائز و ناجائز بُري ڀلي جي تمیز ختم ڪري ڇڏي اسان دنياجي تاريخ کي سائيڊ تي رکي صرف پنهنجي معاملاتي زندگي ڏي ڏسون ته اسان ۾ بيشمار فتنن جو ظهور ٿي چڪو آھي وڏي مشڪل سان هن قوم انگريز جي غلامي مان نجات پاتي اگرشاہ عنایت شهيد جو مشن ڪامیاب ٿي وڃي ها جيڪو هُن اسلامي نظام جي لاء شروع ڪيو هو ته جيڪو فصل پوکيندو سوئي لُڻندو ته ڪارل مارڪس ۽ انهي جي نظريئي ڪیمونزم ۽ سوشلزم کي پوري دنیا ۾ پذیرائي نه ملي سگهي ها انهي لاء سنڌ کان اُٿندڙ اسلامي نظام پوري دنیا ۾ عدل و انصاف جو جهنڊو بلند ڪيو هي اُھوئي شاہ عنایت شهید جي روح ۽ سندس هزارن ساٿين جي قرباني هئي جنهن جي ايندڙ نسلن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو قائداعظم محمدعلي جناح 13 جنوري 1948ء اسلاميه ڪالج پشاور ۾ خطاب ڪندي فرمايو هو اسلام اسان جي زندگي ۽ اسان جي وجود جو بنیادي سرچشمون آھي اسان پاڪستان جو مطالبو زمین جو هڪ ٽُڪرو حاصل ڪرڻ لاء نه ڪيو هو بلڪه اسان هڪ اهڙي تجربه گاہ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي جٿي اسان اسلام جا اُصول آزمائي سگهون ! هي تجربه گاہ ته ٺهي وئي مگر اسلام جي لاء نه هون ته پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو هيو هن مملڪت جو آئين اسلامي ناهي هتي جمهوریت جو سڪو رائج الوقت آھي عدالتي نظام هجي يا اسڪولي سڄو سسٽم امپورٽڊ آھي هتي هر وڏي عهديدار چي ڳچي ۾ غلامي جو پٽو وڌل آھي انگريز هليو ويو مگر پنهنجي اولاد ڇڏي ويو جيڪي مختلف سياسي نالن مختلف سياسي جهنڊن سان عوام کي گمراه ڪرڻ ۾ مصروف آھن ڪي چور ٿيل آھن ته ڪي وري ڀاڳيا ٿيل آھن هڪڙا اقتدار جي ڪرسي لاء جهڳڙو ڪن پيا ته ٻيا وري مختلف موضوع جنهن ۾ ڪي انسانيت ته ڪي قوميت لساني فتني جي باه ڀڙڪائڻ ۾ پورا آھن مگر انهن جون واڳون ظالمن ۽ ڪافرن جي هٿ ۾ آھن ٻي سياسي گندگي تي ماٺ به کڻي ڪجي ته دنيا جو سڀ کان خطرناڪ گمراہ ڪندڙ فتنون لسانیت عصبیت يعني قوم پرستي جو فتنون آھي جنهن جي جيتري بیان ۾ مزمت ڪئي وڃي گهٽ آھي
امت مسلمه جو هڪ طبقو جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان شامل آھي عصبیت و تعصب لسانيت جي گپ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ڪُفار هميشه مسلمانن ۾ انتشار پکيڻڻ خاطر پنهنجا پگهاردار مقرر ڪيا جنهن پنهنجي آقائن جي منشاء کي سامهون رکي قومن کي جهالت طرف ڌڪيو
هاڻ سوال اهو آھي ته عصبیت آھي ڇا ؟؟
عصبیت نالو انهي شئي جو آھي ڪو شخص پنهنجي قوم ۽ قبیلي جي ظلم ۽ زیادتي ۾ حمایت ڪري مثلن توهان قوم پرستي جي جهالت جو شڪار ٿي ڪنهن غير سنڌي مسلمان کي نقصان رسايو جيئن ته حديث ۾ نبي ڪریم صلي الله عليه وسلم کان انهي طرح جي تعریف منقول آھي
حضرت واثله بن اسقع فرمائن ٿا ته مون نبي ڪریمﷺ کان سوال ڪيو ته عصبیت ڇا شئي آھي؟
پاڻ سڳورن ﷺ ارشاد فرمایو أَنْ تُعِينَ قَوْمَكَ عَلَى الظُّلْمِ۔ عصبیت هي آھي ته تون ظلم ۽ زیادتي ۾ به پنهنجي قوم جو ساٿ ڏين (ابوداؤد: 5119)
حضرت فسیله فرمائن ٿيون ته مون پنهنجي والد کي اهو فرمائيندي ٻڌو ته رسول الله ﷺ کان پڇيو ويو اي الله جا رسول ﷺ ڇا هي به تعصب آھي ته ماڻھو پنهنجي قوم سان محبت ڪري؟
پاڻ سڳورن ﷺ ارشاد فرمایو لَا، وَلَكِنْ مِنَ الْعَصَبِيَّةِ أَنْ يُعِينَ الرَّجُلُ قَوْمَهُ عَلَى الظُّلْمِ۔ نه اهو تعصب ناهي بلڪ تعصب هي آھي ته ماڻھو ناحق ۽ ظلم ۾ به پنهنجي قوم جو ساٿ ڏي
(ابن ماجه: 3949)
واضح رهي ته پنهنجي قوم سان محبت ڪرڻ اُنهي جي حمایت ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي ۽ نه اهو غیر شرعی عمل آ بلڪ اها سُٺي شئي آھي ليڪن ٻي ڪنهن مسلم قوم کي ڌاريون چئي انهي سان نفرت ڪرڻ ۽ انهي جي مقابلي ۾ غير مسلم ڪُفار کي پنهنجو سڏڻ يا پنهنجو سمجهڻ غير مسلم ڪُفار لاء بنا مقصد مسلمانن يا اسلام تي ڪوڙا بهتان لڳائڻ اها عصيبت آھي
پنهنجي قوم جي حمایت و نصرت انڌو ٻوڙو ٿي ڪري نه ڪئي وڃي حق و باطل سچ ڪوڙ سُٺي بُري هر حال ۾ اُنھي جي حمایت ڪرڻ خواہ ھو ظالم هجي یا مظلوم جيئن ته زمانه جاهلیت ۾ ڪيو ويندو هو ۽ اڄ به ساڳي روش اختیار ڪئي ويندي آھي انهي کي ئي عصبیت جو تراشیل بُت چيو وڃي ٿو جنهن جي ماڻھو انڌا گونگا ٻوڙا ٿي پرستش ڪندا آھن جيڪو عقل و نقل جي روشني ۾ ڪنهن طرح جائز ناهي ڪجھ نا سمجھ انسان حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تي قوم پرستي جا ڪوڙا بهتان لڳائيندا آھن جنهن جي گزريل حديث ۾ تشريح ٿي چڪي پنهنجي قوم سان محبت ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي مگر جنهن طرح جي قوم پرستي اسان جي ملڪ ۾ ڪئي وڃي ٿي اهڙي قوم پرستي سان حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو ڪو تعلق ناهي ڇوته حضور صلي الله عليه وسلم واضح فرمايو آهي ته مسلمان هڪ قوم يعني هڪ ملت آھن انهن ۾ ذاتيون زبانون سڃاڻپ خاطر آھن ڪُفار هڪ الڳ قوم يعني الڳ ملت آھي
قرآن و سنت جي اها تعلیم آھي ۽ عقلِ جو به اهوئي فیصلو آھي ته انسان ہمیشه حق جي حمایت ڪري چاهي اهو پنهنجو هجي يا پرايو ۽ باطل خلاف نبرد آزما رهي خواہ هو پنهنجو هجي يا پرايو
حضور صلي الله علیه وسلم جو فرمان آھي
"إذا رأيت أمتي تهاب أن تقول للظالم يا ظالم فقد تودّع منهم"
’’جڏھن توهان منهنجي امت کي ڏسو ته ظالم کي ظالم چوڻ کان خوف ڪندي هجي ته پوء انهن کان الوداع ڪريو یعني اهڙي امت جو خاتمون قریب آھي
بلا شبه هي ایمان جي تقاضا آھي ته مومن شخص معاشري ۽ ملڪ ۾ ڦيليل برائین کي ختم ڪرڻ لاء جدوجھد ڪري چاهي برايون سماجي هجن ثقافتي سياسي لساني عصيبت يعني تعصب پرستي قوم پرستي نسل پرستانه ڇو نه هجن ناممڪن آھي ڪو شخص مومن هجڻ جو دعوی ڪري ۽ انھن برائین کي وڌندو ڏسي مطمئن رهي
حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمائن ٿاته
ان اللہ اوحی الیّ ان تواضعوا حتی لایفخر احد علی احد ولایبغی احد علی احد (رواہ مسلم‘ مشڪوٰة:417)
ترجمون الله تعالیٰ بذریعه وحي مونکي عاجزي و تواضع اختیار ڪرڻ جو حڪم فرمایو آھي ۽ هرقسم جي غلط فخر ۽ ظلم و زیادتي کان بچڻ جو ارشاد فرمایو ۽ حدیث ۾ تعصب واري قوم پرست ۽ نسل پرست تعصبي کي گوبر غلاظت جي ڪيڙي يعني ٽنڊڻ جو مثال قرار ڏنون ويو آھي جيڪو گندگي مان پیدا ٿيندو آھي گندگي ڍوئيندو آھي گندگي ۾ رهندو آھي ۽ گندگي سندس مشغلو زندگي رهندي آھي انهي کان اندازو ڪجي ته عصبیت قوم پرستي ۽ نسل پرستي اسلام ۾ ڪيتري قدر ناپسند ۽ قابل نفرت شئي آھي هڪ ٻي حدیث ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جو ارشاد آھي ته نسب ڪا اهڙي شئي ناهي جنهن سبب ڪنهن کي برو ڀلو چيو وڃي نفرت ڪئي وڃي توهان سڀ آدم علیه السلام جي اولاد آھيو توهان جي مثال ٻه برابر سرابر برتنن جي آھي جيڪي خالي هجن یعني ڪجھ نه ڪجھ ڪمي سان ڪو فرد خالي ناهي هڪ کي ٻي تي دین ۽ تقویٰ جي علاوہ ڪا فضیلت وترجیح ناهي هڪ ٻي حدیث شریف ۾ ارشاد آھي: جڏھن توهان ڪنهن مسلمان ڀاء کي عصبیت و قومیت جي باعث شرم وعار جي مقام تي ڏسو ته انهي کی غلط ذهنیت بري خصلت ۽ بي جا تعصب کان باز رکڻ ۾ انهي مسلمان ڀاء جي مدد ڪريو ڇوته اگر هو انهي غلاظت ۾ لٿڙيل رهيو ۽ انهي حالت تي کيس موت آئي ته ويڇارو امت محمدیه عل صاحبها الصلوٰة والسلام ۾ شمار نه ٿي سگهندو هڪ ٻي جڳه ارشاد آھي
”ولیس منا من مات علی عصبیة
ترجمون جنهن کي عصبیت يعني قوم پرستي تي موت آئي سو اسان مان ناهي يعني اهڙي شخص جو شمار امت محمدیه ۾ نه هوندو
لهذا اسان کي پنهنجي ذهني فڪر و سوچ ۽ پنهنجي عمل و ڪردار جو خوب تجزبو ڪرڻ کپي ته خدانخواسته اسان عصبیت جي روحاني مرض جو شڪار ٿي ڪٿي امت محمدیه علی صاحبها الصلوٰة والسلام ۾ شمولیت جي عظیم شرف کان محروم ٿي ته نه رهيا آھيون الله تعالیٰ اسان کي دینِ حق جو فدائي ۽ شیدائي ٺاهي ۽ دنیا جي مختلف ڪوڙي نعرن جي لعنت کان محفوظ فرمائي آمین۔
.

تبصرے