قوم پرستي جو فتنو آخر ڪٿان آيو ؟

قوم پرستي جو فتنو آخر ڪٿان آيو ؟ اهو هر زي شعور سنڌي مسلمان جي زهن ۾ سوال آھي ته آخر هي قوم پرستي جو فتنو سنڌ ۾ ڪٿان آيو ڇو آيو غدار ٿي ھٿيار کڻي ملڪي انتظام سان وڙھڻ ته سمجھ ۾ اچي ٿو مگر جي ايم جيڪي قوم پرستي جا نظريه آندا حالانڪ موصوف جي علمي قابليت کان هر ڪو واقف آھي هڪ نان ميٽرڪ آنڱوٺي ڇاپ پاران آندل ڇا اهي خود ساخته چئي سگهجن ٿا ؟ يا اهو هڪ پلاننگ تحت ڪيو ويو ؟ هي اهم سوال آھن جنهن جا جواب طلب آھن ڳڏو ڳڏ ٿورو عرصو اڳ اهو واضح ٿيو ته جي ايم سيد صاحب يهودي تنظيم فري ميسن جو مستقل ميمبر هو اهو زهن ۾ رکي جڏھن تحقيق ڪئي سين ته خبر پئي جنهن کي اڳتي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته جي ايم سيد سنڌ ۾ جيڪي قوم پرستي جا نظريه آندا سي اصل ڪٿان کان ڪاپي ڪيا ويا . قومیت یا قوم پرستي جو نظریو ماڊرنسٽ نظریات جي طرح یورپ جي پیداوار آھي صنعتي انقلاب  یورپي معاشري ۾ ٻه وڏيون تبدیلیون پیدا ڪيون هيون شهرن جي طرف مهاجرت روایتي قبائلي ۽ خانداني وابستگين کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو ۽ چرچ جي زوال ماڻھن کي جوڙڻ واري مذهبي قوت کي ڪمزور ڪيو نئي معیشت جي هي ضرورت هئي ته انسانن کي وڏي پیماني تي جوڙڻ واري ۽ انهن جي اجتماع کي جواز ڏيڻ واري ڪا شڪل ایجاد ڪئي وڃي چنانچي قوم پرستي جو هڪ نئون تصور ایجاد ڪيو ويو انهي طرح یورپ ۾ الڳ الڳ قومون وجود ۾ آيون انھن پاڻ کي صنعتي ۽ معاشي لحاظ سان ترقي یافته ۽ خود ڪفیل بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پنهنجي پنهنجي قومن کي ٻين کان اڳتي وڌائڻ جي لاء ٽي دنیا جي ملڪن کي غلام بنائڻ ۽ انھن جي دولت لُٽڻ جو سلسلو به شروع ڪيو بعد ۾ انھن یورپي قومن ۾ مفادن جو ٽڪرائو شروع ٿيو ته قوم پرستي جي نظرين اُوها انتها پسندانه شڪل اختیار ڪئي جنهن کي نسلي قوم پرستي (ethnic nationalism) یا انٽیگرل نیشنلزم (integral nationalism) یا فسطائیت یا زینو نیشنلزم (xenonationalism) چيو وڃي ٿو انٽیگرل نیشنلزم (integral nationalism) قوم پرستي جو نهایت انتها پسندانه تصور آھي هي تصور هون ته یورپي نشاة ثانیه جي زماني کان ظهور پذیر ٿيڻ لڳو هو لیڪن سیاسي بساط تي انهي جو پرزور اظهار گذشته صدي کان شروع ٿيو ۽ گذشته صدی تائين اهو تصور یورپ جي منظرنامي تي ڇايل رهيو یورپ ۾  به خاص طور سان جرمني انهي قوم پرستي جو نمائندو ٿيو انهي تصور پهرين ۽ ٻي عالمي جنگن کي جنم ڏنو ۽ ڊگهي عرصي تائين قومن جي درمیان ڪش مڪش جو ذریعو رهيو ۽ انهي ڪش مڪش ۾  60 لک يهودين کي مارڻ سان ڳڏ  50 لک انهن ماڻھن جو به قتل عام ڪيو ويو جيڪي يهودي نه هئا انهي پويان اهو نسلي پهلو شامل هو ته جرمن جي  نسل سڀ کان وڌي ڪري آھي ۽ انهي جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي هون ته قوم کي جوڙڻ جي لاء اندروني ۽ بیروني دشمن تلاش ڪيا ويندا آھن ۽ انھن خلاف شدید نفرت پیدا ڪئي ويندي آھي دشمن سازي جي عمل لاء تاریخ نگاري کان مدد ورتي ويندي آھي هي قوم پرستي جو  اهم ترين هٿیار تاریخ هوندو آھي تاریخ جي من ماني تاویلات جي ذریعي قومي تفاخر ۽ دشمن سان نفرت پروان چڙھائي ويندي آھي پراڻي جنگن ۽ لڙائين جون یادون تازہ ڪري دشمني جي جذبات کي اُڀاريو ويندو آھي تاریخ جي حقیقي یا خود ساخته روشن دور سان جذباتي وابستگي جي لاء قدیم روایتن  ۽ تاریخي علامتن سان وابستگي جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي قومي علامتن ۽ خود ساخٿه تهذیب سان تقدس وابسته ڪري هڪ نئي قوم پرست مذهب جي تشڪیل ڪئي ويندي آھي انهن ڄاڻايل قومي علامتن کي ساڳي تقدس ۽ اھمیت ڏني ويندي آھي جيڪا مذاهب پنهنجي شعائر کي ڏيندا آھن مثال جهڙي طرح مسلمانن لاء حجاز مقدس اهم آھي تهڙي طرح قوم پرست سنڌ کي تقدس وارو ڄاڻائيندا آھن موئن جو دڙو تي نڪ ٽٽل ۽ اُگهاڙي مورتي وغيره . حقیقت اهائي آھي ته اُڻويھ صدي جي یورپ ۾ انھي ئي تصورن جي حڪم راني هئي ۽ انهن ئي پهرين ۽ ٻي عالمي جنگن کي  نازي ازم ۽ فسطائیت جھڙي تحریڪن کي جنم ڏنو هو جڏھن عالمي جنگن ۽ فسطائیت ملي قیامت پربا ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ یورپ اندر جيڪا معاشي تباهي آئي انهي قوم پرستي جي نظرين تي سوالیه نشان لڳايا جلد ئي فسطائیت ۽ نازیت جي خلاف رائي عامه بیدار ٿي جنهن نظرین یورپ تي وڏي عرصي حڪومت ڪئي یورپي معاشري ۾ شدید قابل نفرت نظریه بلڪ گار بنجي ويا ۽ قومیت جي تصور تي به سنجیدہ ریویو شروع ٿي ويو جنهن یورپي ملڪن ۾ قوم پرستي ماڊرنسٽ تصورن جنم ورتو هو جٿي قوم پرستي جي نالي تي انساني تاریخ جون بدترین جنگون وڙھيون ويون اُتي اڄ صورت حال هي آھي ته شهري قومیت جو تصور هاڻ پوري طرح مقبول عام ٿي چڪو آھي انهي جي سڀ کان عمدہ مثال یورپي یونین تي جرمني اٽلي جهڙي قوم پرستي جي وڏي وڏي علم بردار ملڪن پنهنجي قومي خود مختاري جو وڏو حصو سرنڊر ڪري هڪ وڏي بالائي قوم (supranational) یورپي یونین جو حصو بنائي منظور ڪيو انهن ‘قومي ریاستن جيڪي ڪڏھن هڪ ٻي جي خون جون پیاسيون هيون پنهنجي پنهنجي قومي ڪرنسين جي قرباني ڏئي هڪ مشترڪ ڪرنسي کي فروغ ڏنون هي هڪ اٽل حقيقت آھي ته الله تعالیٰ جنهن کي برباد ڪرڻ چاهي انهي کان عقل کسي وٺندو آھي اهوئي سبب آھي جو قومن ۽ قوم پرستي جي تاریخ تي نظر رکڻ وارو ڪو سنجیدہ مورخ وفادار قوم پرست نٿو ٿي سگهي قوم پرستي جي لاء اهڙين ڳالهين کي قبول ڪرڻ ۽ انهي ته ایمان رکڻ ضروري هوندو آھي جنهن جو حقیقت سان ڪو تعلق نه هجي هڪ قوم ٿيڻ لاء ھڪ غلط تاریخ کي تخلیق ڪرڻ ضروري هوندو آھي جيڪو سنجیدہ ۽ دیانت دار مورخ نٿو ڪري سگهي انهن دانش ورن اها ڳالھ به واضح ڪئي ته قوم پرستي جو انتها پسندانه تصور انسانیت جي اعلیٰ قدرن سان متصادم آھي ڇوته اهو تصور انسانن کي تقسیم ڪندو آھي ۽ آبادي ۾ ھڪ طاقت ور ۽ بااثر گروہ جي ڪمزور گروہ تي ظلم جي راہ هم وار ڪري ٿو الله تعالیٰ اصلاً انسانن کي هڪ جنسِ واحد ٺاهي هڪ مرد ۽ ھڪ عورت جي ذریعي پیدا ڪيو نسل ذات رنگ ۽ قبیلي جي اختلافات کان باوجود دنیا ڀر جي انسان ۽ انسانن جا مختلف طبقات ۽ گروہ پنهنجي مختلف ضرورتن جي لاء هڪ ٻي تي منحصر آھن انڌا جذبات نه انهي جو پیٽ ڀري سگهن ٿا نه انهي جون پیشه وارانه ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا فرضي تاریخ من گھڙت افسانه تراشي دشمن سازي ۽ نفرت و پروپیگنڊه جي بنیاد تي جذباتي لهر پیدا ڪري ڪا قوم تخلیق ڪئي به وڃي ته محض ریٽ جو ناپائدار گھر هوندو آھي اعلیٰ انساني قدري بهتر معاشرو بهتر دنیا جو خواب ۽ انهي جا اصول افراد کي جوڙڻ لاء پائدار بنیاد ھوندا آھن لازوال قومیت جو تصور انهن بنیادن تي ریاست سازي جا موقعه فراهم ڪندو آھي انهي ۾ جذباتي شدت گهٽ هجي ليڪن پائداري زیادہ هوندي آھي هڪ مڪمل انسان نادانسته طور تي هڪ اڌوري انسان جي لاء جڳه ٺاهي رهيو آھي هڪ سیاسي انسان جي لاء ھڪ ڪمرشل انسان جي لاء ھڪ محدود مقصد جي حامل انسان جي لاء سائنس جي حیرت انگیز ترقین جي مدد سان هي عمل غیر معمولي طاقت حاصل ڪري رهيو آھي ۽ انسان جو اخلاقي توازن درهم برهم ٿي رهيو آھي انسان جو انساني وجود هڪ بي جان تنظیم جي پاڇولي ۾ غائب ٿي رهيو آھي هن جي فولادي گرفت اسان جي زندگي جي پاڙن ۾ محسوس ٿي رهي آھي انسانیت جي خاطر اسان کي صرف سوچڻون نه بلڪ بيهڻون پوندو ۽ پنهنجي نسل کي خبردار ڪرڻون پوندو ته قوم پرستي هڪ خون خوار وبا آھي جيڪا دور حاضر جي انساني دنیا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهي آھي ۽ حیات انساني جي اخلاقي توانائي کي مڪمل ختم ڪرڻ ۾ پيش پيش آھي قوم پرستي جي انهي تصور یعني انٽیگرل نیشنلزم کي سنڌ ۾ درآمد ڪيو ويو جنهن کي سڄي دنیا ۾ مسترد ڪيو ويو ۽ جنهن جا نقصان واضح ٿي ڪري سامهون اچي چڪا آھن هي تصور سنڌ جي لاء اجنبي ۽ غیر ملڪي در آمد شدہ تصور آھي  هي غیر فطري عمل آھي جيڪو ملڪ جي عوام کي هڪ ٻي کان جدا ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ افراتفري فتنو و فساد پیدا ڪرڻ کان سوا ڪو ٻيو مقصدحاصل نٿو ڪري سگهي هي قوم جي تعمیر جو نه بلڪ تخریب ڪاري جو رستو آھي ڇوته انٽیگرل نیشنلزم جا نظريا اسلام جي تعلیمات سان متصادم آھن اسلام پنهنجي مڃڻ وارن سان اها توقع رکندو آھي ته هو اسلام جا علم بردار ۽ انهي جا سفیر ٿي ڪري معاشري ۾ رهندا ۽ معاشري ۾ اسلام جي نمائندگي جو حق ادا ڪندا انهي لاء  دستوري معاهدي جي بنیاد تي ٺھندڙ ملڪ ۾ مسلمان هڪ نظریاتي و تهذیبي گروہ جي طور تي رهندا هو ملڪ سان به وفادار هوندا ته پنهنجي دین و تهذیب سان سندن وابستگي هوندي  باقی اهل ملڪ سان ملي ڪري ملڪ ۾ امن و امان عدل و انصاف ۽ تعمیر و ترقي جي لاء  جدوجھد ڪندا رهندا ڇوته اسلامي معاشرو بي مقصد معاشرو ناهي هي انسان کي دنیا ۾ نیڪي راست روي ۽ حق پرستي جي زندگي گزارڻ جي دعوت ڏيندو آھي امت مسلمه جي مقصد وجود هي آھي ته عالم  انسانیت جي سامهون پنهنجي عمل سان گواهي ڏي ته اسلام زندگي جو جيڪو نظام ڏي ٿو اُهوئي دنیا و آخرت ۾ فلاح و ڪامراني جو بهترین نظام آھي .

تبصرے

گمنام نے کہا…
Behtreen sain
گمنام نے کہا…
وڏي معلومات ملي زبردست

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )