دور حاضر ۾ الحاد جو فتنو
هون ته اسان جا عام مسلمان الحاد جي فتني کان بلڪل اڻ واقف آھن کين اهائي خبر ناهي ته الحاد آخر ڪهڙي بلا جو نالو آھي مان سولي سنڌي ۾ بيان ڪريان ته اسلام جو نالو وٺي پاڻ کي مسلمان سڏائي اسلامي نالو استعمال ڪري اسلام کي ڏنگيندڙن ناگن کي الحاد پرست چيو وڃي ٿو مثال اڄ ڪل جي ضرورت کان زياده پڙھيل لکين کي توهان ڪڏھن عيضوي تي اعتراض ڪندي ڏسندا هوندا ته ڪڏھن ڪنهن غير مسلم ڇوڪري جي اسلام قبول ڪرڻ تي ماتم ڪندي ڏسندا هوندا اهي الحاد پرست آھن انهن اسلام جي چارديواري ۾ رخنه اندازي ڪندڙن جي دعوي آھي ته اسلام جي اصل روح پهرين صدي جي درميان يا تقريبن آخر ۾ دفن ٿي رهجي وئي ۽ ھاڻ جيڪو اسلام مسلمانن وٽ آھي سو اسلام ناهي جيڪو نبي ڪريم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم پيش ڪيو هو بلڪ هي ملان جو گهڙيل اسلام آھي جيڪو زندگي جي حرارت کان محروم آھي نعوذالله الله رب العزت حضور خاتم النبيين صلي الله عليه وسلم جي برڪت سان امت محمديه تان اجتماعي عذاب هٽائي ڇڏيو آھي يعني هاڻ ھن امت تي ڪو اهڙو عذاب نه ايندو جنهن سان پوري امت هلاڪ و برباد ٿي وڃي ليڪن اهل ايمان جي امتحان ۽ آزمائش جي لاء فتنه برابر پيدا ٿي...