باب وجه تاليف ( سنڌ سونهاري )
جي ايم شاه جي ڪتاب جيئن ڏٺو آمون جي رد تي مبني سنڌ سونهاري ڪتاب مان ترتيب وار عنوان شامل ڪيا وڃن پيا جنهن جو هي ٽيو باب آھي سبب تاليف ٻن اڍائن سالن کان هاڪ پئي ٻڌي سين ته سن جي سانڊي جي ايم شاه ڪو ڪتاب لکيو آھي ( جيئن ڏٺو آ مون ) انهيء ۾ ھن پاڪ دين پاڪ نبي ۽ پاڪ رب تي حملا ڪيا آھن جو ڪافر به ڪون ٿو ڪري سگهي هو مسلمانن لاء موشي دايان ساماڻو آھي هن پنهنجا مائٽ موکيا آھن هن پنهنجي ستن پيڙھين کي سوتان نڪ وڌا آھن هن پنهنجي اڳين جو جو رنگ اجاريو آھي ۽ پنهنجي ٿيلن ۽ ٿيندڙن پوين جي منهن کي قلعي ڪري صاف اڇو بنايو آھي سلطان صحافت مجاهد اسلام رشيد احمد لاشاري جي مزار پر انوار تي لک لک رحمتون نازل ٿين هنجو لکيل اردو ڪتاب ادب ڪي آڙ ۾ ڏٺو ويو جنهن ۾ جي ايم جي لکيل ڪتاب جا حوالا پڙھي حيرت جي حد نه رهي عقل چرخ ٿي ويو هڪ هڪ حوالي جي عبارت پڙھيو اکيون پٽيل جو پٽيل رهجو وڃن ايتريقدر جو اکين ڇنڀڻ جي به سراڻي نه ٿئي يا خدا هي ڦريو پر هيتري قدر دشمن ڇو ٿيو ؟ هن ولين جي اولا...