باب وجه تاليف ( سنڌ سونهاري )
جي ايم شاه جي ڪتاب جيئن ڏٺو آمون جي رد تي مبني سنڌ سونهاري ڪتاب مان ترتيب وار عنوان شامل ڪيا وڃن پيا جنهن جو هي ٽيو باب آھي
سبب تاليف
ٻن اڍائن سالن کان هاڪ پئي ٻڌي سين ته سن جي سانڊي جي ايم شاه ڪو ڪتاب لکيو آھي ( جيئن ڏٺو آ مون ) انهيء ۾ ھن پاڪ دين پاڪ نبي ۽ پاڪ رب تي حملا ڪيا آھن جو ڪافر به ڪون ٿو ڪري سگهي هو مسلمانن لاء موشي دايان ساماڻو آھي هن پنهنجا مائٽ موکيا آھن هن پنهنجي ستن پيڙھين کي سوتان نڪ وڌا آھن هن پنهنجي اڳين جو جو رنگ اجاريو آھي ۽ پنهنجي ٿيلن ۽ ٿيندڙن پوين جي منهن کي قلعي ڪري صاف اڇو بنايو آھي
سلطان صحافت مجاهد اسلام رشيد احمد لاشاري جي مزار پر انوار تي لک لک رحمتون نازل ٿين هنجو لکيل اردو ڪتاب ادب ڪي آڙ ۾ ڏٺو ويو جنهن ۾ جي ايم جي لکيل ڪتاب جا حوالا پڙھي حيرت جي حد نه رهي عقل چرخ ٿي ويو هڪ هڪ حوالي جي عبارت پڙھيو اکيون پٽيل جو پٽيل رهجو وڃن ايتريقدر جو اکين ڇنڀڻ جي به سراڻي نه ٿئي يا خدا هي ڦريو پر هيتري قدر دشمن ڇو ٿيو ؟
هن ولين جي اولاد ۾ نٿو ۽ شرڌاند جي روح ڪٿان اچي واسو ڪيو هي سنئون سبتو ماڻھو صفا اهڙو خاني مان ڪيئن نڪري ويو چيوسين ته نه ٻيلي اصل ڪتاب ڏسبو متان عبارتن کي اڳ پوء ۽ ڪاٽا ڪوٽاڪري لاشاري مرحوم شاه صاحب جي ننڊ ۾ ستي ڏاڙھي ڪوڙي ويو هجي ٿي سگهي ٿو ٿوته ٻروچ ڪنهن پراڻي وير پارڻ لاء شاه صاحب کي خواه مخواه کڻي اڌڻيو ۽ واوريو هجي ممڪن آھي ته ٺلهي وهم جو شڪارٿي تترن جي طالبو توبچي وانگر آھي ته لاشاري صاحب چاڙھيڪا جانچيندي ڀنڀرڪي سبب ٻٻر ۾ ڪنهن دڦڪ کي تتر سمجهي دونالين جو وسڪارو لائي ڏنو هجي ۽ ڳالھ ۾ هجي ڪجھ ڪون الحاصل ته اصل ڪتاب جي اشتياق اوي سوي پڇائڻ ڪرڻ تي آماده ڪيو پنج اٺ مهينا ڪتاب جي انڌي گهورپ هلايم ڪڏھن پراڻان پير لٽن ريٽي ٿي ڇڏيا ته ڪڏھن وري نوان پير ڪڙيندو رهيس ٿي سڀ ڪنهن ادبي مهانڊي کي پوء اهو سينڌو هجي يا اڻ سينڌو ابتدائي خوش مرحبا ۽ تعارف کان پوء منهنجو اهو سوال ضرور ڪنائڻون پيو ٿي ته انهيء ڪتاب جي ڪا خبر ڀانيو ٿا ته اهو ڪتاب ڪٿان ملندو نيٺا نيٺ پڇن سي پسن جڏھن تڏھن پرينء کي ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا اهو شاه جو بيت ظاهري صورت ۾ نمودار ٿيو يعني ڪراچي مان هڪ ڪرم فرما بجائي هڪ جي ٻه ڪتاب پارسل ڪري موڪلڻ جو جس کٽيو ڪتابن جي پڙھڻ بعد ڪتابن بابت ذھني فضائن ۾ ترندڙ حيرتن جا ننڊا ننڊا ٻول ۽ ڇمر صاف ته ڪون ٿيا پر پاڻان ڪڪربنجي ڪاري ڪارونڀار جي صورت اختيار ڪري ويا ويساه ئي نه پيو اچي ته انهيء ڪتاب جو لکندڙ ھڪ مسلمان ۽ ان سان ڳڏسيد زادو به آھي عقل ۽ دماغ کي باربار درست ڪري باربار ويچار ڪيو ويو نيٺا نيٺ جنهن ڳالھ تي ويساه ئي نٿي آيو سا وسهڻي پئي ۽ محقق ٿي چڪو ته جي ايم شاه مرتد ٿي چڪو آھي هنجي ايمان جو چنڊ اڃان الھ تهار ناسويو هو ته گرهڻ جي نذر ٿي ڪارو ٿي ويو هن جي مذهب جو سلو اڃان موريوئي مس هو ته موراهي هن کي لوساٽي پٽ تي هنيو اسانجي ڄاتل سڃاتل شخصيت ۽ اسانجو ڏھن هنين وارو سوريھ يڪ سخنون اصول پرست محترم جي ايم سيد اسان کان هميشه لاء ڌارٿي ڪفر ۾ ڪري دوزخ جي باه جو بک بنجي ويو
انالله و انااليه راجعون -
سنڌي ۾ چوندا آھن ته ناڻون نرن کي ٿو چتو ڪري نئي ( ندي ) پنهنجي تيز وهڪري ۾ ڳرا پٿر به وهايو وڃيو سمنڊ ۾ اڇلائي مڙس ته برابر مهمير هو پر هندن جي ناڻي جي تيز وهڪري مڙس کي پير پٽ تي کوڙڻ ئي ڪون ڏنهون ۽ مٿان ئي مٿان کڻي وڃي ڪفر جي قلزم جي ڪنهن عميق ۽ اڳاهين اوڙاه ۾ اهڙي طرح ٻوڙيو جو هاڻي هن جي هڏين جو هٿ اچڻ به يا نصيب اوهو ساڳي ماڻھون جنهن کي اسلام جو سرويچ سپاهي ۽ مزهب جو جانباز ۽ جري سولجر ٿي سمجهو ويو سو پاڻ اڄ مزهب کي مارڻ لاء مڏ ماڙي جون ڪهاڙيون ٺپايو ڪلهي تي رکيو ڦري سو پاڻ اڄ اسلام کي ڪُک ۾ھڻڻ لاء ڪاتيون سراڻ تي چاڙھايو گهمي ضروري هوته اهل اسلام مان ڪواهنڊ ۽ اڻ موٽ جوان اڳتي وڌي پنهنجو سينون سپر ڪري اسلام تي ٿيندڙ اُلرن کي آڏو ٿي بيهي ۽ دشمن جي قلمي نيزن کي پنهنجي قلم جو ڀالو سامهون ڪري آئون ڪو ميدان صحافت جو شهسوار ڪون آھيان پر جيستائين ڪو ڪٽ مست انهيء ميدان ۾ اچي پنهنجو ڪميت ڪڏائي ڪفر جو ڪنڌ مروٽي ۽ ڪرنگهو ڀڃي ۽ منڪر کي ماري مات ڪري تيسي تائين مناسب نظر آيو ته آئون پنهنجو اڀرو ڊڊو ڊوڙائي اڳتي وڌان ۽ ڪانئر ٿي ڪنڊن پاسن ۾ ڪنڌ لڪائڻ بدران ميدان ۾ اچي موذين منحوسن کي منهن ڏيان بس ايهوئي ڪارڻ ٿيو هن ڪتابڙي کي قلمبند ڪرڻ جو ابولڪلام آزاد ۽ علامه شبلي جو قلم مون وٽ ڪونهي جو فصاحت ۽ بلاغت جا واه وهائي ڇڏيان مون پنهنجي جهڙي تهڙي قلم سان آڏا ڦڏا ليڪا ڪڊيا آھن سنهون ڪتڻ مون سکيوئي ڪون البته من ۾ محبت رکي رنڍا روڙيا اٿم منهنجون ايهي ڪين جهڙيون قلمي ڪاوشون شال قادر قدير قبول فرمائي ڪو خوشي جو موقعو به ڪونهي جنهن لاء طرب خيز ۽ نشاط انگيز تحريڪ ضروري به هجي هتي ته هڪ بي رحم ظالم جي ظلم سبب ڏسڪڻون ۽ اوڇينگارون ڏيڻيون آھن ۽ اوڇنگارون هڪ اضطراري شي آھي البته جيڪڏھن اختياري امر هجي هاته پوء ڪو ڏوراپو ڏئي سگهي ها ته ڏُسڪا سرتي برابر ڇو ڪينهي هن صورت ۾ اميد ته ڪو منصف مزاج مضمون جي موزون نه هئڻ جي ميار ڪون ڏپندو *:::::::

تبصرے