دين کي مزاڪ بنائڻ

دین جو  مذاق اڏائڻ  وارو
هن  پیغام کي  دھیان سان پڙهو

اسين اهڙي دور جهالت مان  گزري  رهيا آھيون جٿي دين جو  مذاق خود مسلمان ٺاهي رهيا آھن  رمضان المبارڪ جو بابرڪت ۽  رحمتن  واري مهينو هلي رهيو آھي    مگر ڪجھ بي شرمن کي ٿوري به  شرم حياء ناهي  هي ماڻھو  ڪوبه  مذاق ٺاهڻ ۾  پرواه نٿا ڪن جيئن اڄ ڪلھ ڪافي  مسج  اهڙا به هلن پيا  منهنجي نظر مان گزريا آھن ممڪن آھي توهان وٽ به اهڙا مسج آيا هوندا ۽  توهان به پڙھيا هوندا
 جيئن روزو لڳي ته  دعا پڙھو :
*الچٽني  ول سموسه  انٙا ڪبابل قیمون  منٙڪا ڪوفته ول بریاني یا پاڻي  یا پاڻي  یا پاڻي *

هن  میسیج ۾ روزي جو  مذاق اڏايو ويو آھي*

• ڀٽو اگر زنده آھي ته تراويح پڙھڻ ڇو نٿو اچي :  انهي مسيج ۾ ڀٽي جو نه بلڪي تراويح نماز جو مزاق اڏايو ويو آھي *

• ذال کي شاپنگ ڪرائڻ کان بچڻ جو بهترين حل اعتڪاف ۾ ويهي رهو*  هن میسیج ۾  اعتڪاف جو مذاق اڏايو ويو آھي .*

• هاڻ ھي نئون خطرناڪ ڍهمڪي آمیز میسج:
*رمضان ۾ جيڪو مونکي دعا ۾ وساري  انهي جا پڪوڙا سڙي وڃن  انهي جا  سموسه  کلي وڃن کادي ۾ لوڻ ( نمڪ )زیادہ ٿي وڃي ۽  روح افزاء ۾  مکي ڪري پئي  مسجد ۾ انهي کي جڳه نه ملي  بریاني ۾ ٻوٽي نه ملي ۽ مسجد کان ٻاهر اچي ته  چپّل به  نه ملي انهي لاء  دعا ۾ یاد رکجو.*

*پیارا ڀائرو  الله ۽ انهي جي  غضب کان ڊڄو  جيڪو اهڙا میسیج ٺاهيندو آھي اوهو پاڻ  گناہ گار  ٻين کي  فارورڊ شيئر ڪرڻ وارو به  گناہ گار  پڙھي خوش ٿيڻ وارو به  گناہ گار.

*استغفرالله ربي من ڪل ذنب واتوب الیه*

• یاد رکيو* الله وٽ توهان جي اهڙي پڪڙ ٿيندي جهڙي توهان سوچي به نٿا سگهو ، قرآن پاڪ جي آیات ۽  رمضان المبارڪ جو  مذاق ٺاهي ۽ ماڻھن کان ٺھرائڻ  توهان ڪيڏو وڏو گناہ ڪري رهيا آھيو ذرا سوچو ڇا  فرق رهي ويو آھي توهان ۾ ۽  یھود و نصارٰي  ۾ ؟؟؟
اهڙي  میسیجز کان بچو ۽  ناز ڪريو پنهنجي  قسمت تي ته توهان سڀن کي *دین اسلام* مليو .

*الله سبحانه  وتعالٰي سڀن کي حق چوڻ حق ٻڌڻ ۽ حق تي  عمل ڪرڻ جي توفیق عطا فرمائي  ۽ اسلام جي  اصول تي  عمل پیرا رہڻ جي  توفیق عطا فرمائي.*
‌آمین ثم آمین یا رب العالمین بجاہ النبي صلی الله تعالٰي علیه وآله وبارڪ وسلم

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )