باب زبان سنڌ سونهاري
سنڌ سونهاري جو باب ٻيو زبان انهن لاء خاص جيڪي پنهنجو پاڻ کي مسلمان ٿا سڏائن ۽ جي ايم شيد کي سيد سمجهي حمايت ڪن ٿا ******
*
مون کي اعتراف آھي ته هن ڪتابڙي ۾ منهنجي لکيل زبان بجائي مٺي جي ڪٿي ڪٿي کٽ مٺي ٿي وئي آھي اسان جو اصول ته اهو آھي ته دشمن کي به ويه جي وٽيء جي بجائي گيھ جو ڍڪ ۽ ساون لونگي مرچن جي بجائي سنگهاڻ مصري وات ۾ وجهجي حسن اخلاق جي تقاضابه ايها آھي ته جيڪڏهن ڪو ماڻھو ڪٽيل ڇاڻيل ايريو زبان تي جام ٻرڪي دڙي ۽ داڦي ته به زبان تي ماکي مکي پوء هن کي لذيتو جواب ڏيڻ گهرجي
هو چونئي تون م چئو واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري خطاسوکائي
پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي
( شاه )
اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ پر سوتڏھن جڏھن ڪو بد زبان اسان تي حملا ڪري پنهنجي پسوري پڌري ڪندو هجي پر هتي ته قصو ئي اور آھي سنڌي ۾ چوندا آھن ته ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي کي سڃاڻي ٿو ڪتو ڇتي ٿيڻ کان پوء به پنهنجي مجازي ڌڻيء کي سڃاڻي ٿو =
ماڻھو اڄڪلھ ڇتو ٿئي ٿوته پنهنجي حقيقي ڌڻي پنهنجي منعم ۽ محسن رب ۽ انجي رسول ۽ انجي موڪليل دين تي ڀونڪي ٿو ۽ وات پٽي رومڙ ڪري انهن کي چڪ هڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو ڀلا جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا ۽ رسول ۽ مزهب تي گند اڇلائي پوء توڻي جو اهو گند موٽي سندس منهن تي ڪرندو هجي ته به اسين ماٺڙي ڪري ويهي تماشو ڏسون اسين پوء به هن سان ادا ڀائو سانئين منهنجا حضور والا جناب عالي عالي جاه عالم پناه غريب پرور بنده نواز جيئندا قبلا حضور جن ۽ سائينجن ڪري خطاب ڪريون نه نه ائين نه ٿو ٿي سگهي ؟
جيڪڏھن ڪو مسلمان اڃان به انھيء اهڙي بي ادبي جي آداب جو لحاظ رکي ٿو ته اهو مسلمان با اخلاق ۽ شرافت پٺيان نه بلڪه انتهائي درجه جو مڄو بي غيرت بي پتو ۽ نڪ وڍيو آھي پوء چئبو ته هن جي وجود ۾ ايمان جي ڪابه حرارت باقي رهيل ناهي جنهن محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم تان سرصدقو ۽ سندس پاڪ نالي تان امان ابو قربان انهيء تي ڪو شقي القلب چوڪ چنڊو حمله آور ٿئي ۽ اسان سندس درجي ڪتن جي پيرن جي خاڪ کي ڪحل الجواهر کان وڌ جلا بخش ۽ نور افزا سمجهندڙن کي پوء به ضابطه ء اخلاق جي دفعات کي سنڀالڻ جو هوش سلامت رهي سگهي سا ڳالھ عقل کان پري ۽ وسھڻ کان ٻاهر آھي پوء اسانجو اسلام ڪهڙو پوء اسانجي مسلماني ڇاجي ؟
خدا ۽ رسول صلي الله عليه وسلم ۽ اسلام جو منڪر آھيان نٿو مڃان ڦري ويو آھيان جي ايم شيد جيڪڏھن انهن اکرن تي اڪتفاڪري ها ته مونکي هنن ڪاغذن ڪارن ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪون هئي وڃي ڏرڙ ۾ پئي نٿو مڃي ته نه مڃي اسان جي بلا :
پر افسوس ته هن ظالم جيڪو گند ميو آھي ۽ خدا ۽ رسول صلي الله عليه وسلم ۽ اسلام تي جيڪي سڌي طرح يا اڻ طرح سان اڻ سهائيندڙ اعتراض ۽ رڪيڪ حملا ڪيا آھن سي ڏسي اندر سڙي ويو آھي هن اسانجي هيئين تي پنهنجي قلم جي زهر آلود نشتر سان ڳائيٽي کان ٻاهر چوڪون ڏنهيون آھن ۽ انهن چڪندڙ چهڪن تي ڪافور سان مليل مکڻ جي ٺاريندڙ پهن رکڻ بدران ڪچو نوشادر ڪٽي ٻرڪيو آھي اسان رئو ڪري رڙيون ڪون ڪيون آھن رڙيون اسانجي اندر مان بي اختيار نڪتيون آھن ۽ نڪرڻ گهرجن
ڪچي ڪاني ڪانهن جنئين لوسندي لاتيون ڪري
اچي تينئن اوچتي درد پريان جي دانهن
ويڄ ڏنڀين ڇو ٻانهن سورهيين کي سامهان ( شاه )
ڀلاچئو ته انهي حالت ۾ اسان تي ڪا ميار ٿي سگهي ٿي-
رڙيون اسان ڪيون ناهن گوناگون عذاب ڏئي اسان کان رڙيون ڪرايون ويون آھن
دل توہے نہ سنگ و خشت درد سے بھر نہ آئے کیوں
روئینگے ہم ہزار بار کوئی ہمیں ستائے کیوں .
الحاصل ته مون جيڪڏھن ڪٿي ڪو پنهنجي خصم کي کنڊ جي چاش چٽائڻ بدران انگوري سرڪي جو ڍڪ ڀرايو آھي ته آئون انهي تي نادم ناهيان آئون انهيء ۾ حق بجانب آھيان بلڪه اڃان به حق ايهو هوته سرڪو نه پر سرڪي جي تيزاب ( ايسڊ ) جو شيشو هن جي وات ۽ نڙي ۾ نايان ها پوء ڀلي ڪو ڊاڪٽر زور لائي ڦلڻا پيو ڇوٽائي ها .
ڪاش جيڪڏھن مونکي معلوم هجي ها ته حيدراباد جي مڇي مارڪيٽ جو ڪو ساٽي يا مانڃر جو ڪو مهاڻون لکڻ ڄاڻي ٿو ته جي ايم شيد جي جواب لکڻ لاء انهيء کي ئي عرض ڪريان ها هو پنهنجيمروجه ٻولي ۾ کيس جوڳو جواب ڏئي ها ڪاش جيڪڏھن سانئين عباس علي شاه مرحوم لاڙائي جي حياتي هجي ها ته ماڳهين جوابدهي جو هي ڪارخير انهي جي سپردڪريان ها ڇوته انهيء قبله عالم جا مهاڻا به آنڪي ڀريندڙ ھئا چون ٿا ته اهو بزرگ اٺ تي چڙھيو پئي ويو ڪنهن ڌراڙ کي پڇانه ڳاڇا پٽي گار ڪڍيانئين ڌراڙ کي ڪهڙي خبر ته هي ڪو سانئين آھي يا سادات آھي يا اهل بيت آھي هن سنڱ جو بدو سنڱ اهو اصول ملحوظ ڪندي گار جي بدي ۾ ڪا اهڙي خوبصورت پيوئر خالص ۽ نئين نيازي ۽ ٿلي متاري گار ڦھڪائي ڏني جا قبلي صاحب اڳي ڪڏھن ڪانه ٻڌي هئي پاڻ ايڏا ته قدر شناس جو انهي ڌراڙ کي اٺ انعام ۾ عطا فرمايون افسوس جو اوهي مور مري ويا نه ته اڄ جي ايم کي جواب ڪو جوابن جهڙو ملي ها اصلي اهڙو جو سڻي ٻڌي ٺري هيم ٿي پوي ها مون ته پاڻ ترڪي جو جواب ترڪي ۾ نه بلڪ ترڪي جو جواب سلوڻي سنڌي ۾ ڏئي پاڻ کي
حق تو یہ ہے کہ حق ادا نہ ہوا جو مصداق بڻايو آھي ۽ حق ادا ۾ قاصر رهيو آھيان جي ايم پنهنجي ذات ڪڏھو ڪو ڇڏي ڏني پر اسان کي وري به هرهر سندس ذات اکين اڳيان اچيو بيهي ايهو به هڪ وڏو سبب آھي حق ادائي ۾ قاصر رهڻ جو ورنه سانئين عباس علي شاه مرحوم کي قبر مان اٿاري آڻڻ ۾ به دير نه ڪريون ها ::-

تبصرے