ڇا مسلمان مرد کي سون پائڻ جائز آھي ؟

سوال ڇا مرد لاء سون جائز آھي  ؟؟؟؟ ****
اڄ ڪلھ ڏٺو پيو وڃي ته مسلمان مرد سون جون منڊيون هٿن ۾  پائيندي نظر اچن  ٿا  ستم ظريفي اڃان اڳتي وڌي ٿي ته  ڪئين مشهور ماڻھن کي سونا تاج پارايا وچن ٿا جنهن ۾ فنڪار سياست دان ۽ اڄ ڪلھ دين سان وابسته  جعلي ڏٻه پير سونا تاج  پهرڻ تي وڏو فخر محسوس ڪندا آھن  جڏھن ته حضور صلي الله عليه وسلم  پنهنجي امت جي مردن تي سون پائڻ سخت حرام  ڪيو آھي  مگر اهي جعلي پير  دين اسلام جي نالي تي غريب عوام کي بيوقوف ٺاهيندڙ  سونا تاج شوق سان نه صرف پهرڻ تي فخر محسوس ڪندا آھن بلڪه اها خواهش ۽ ڪوشش به ڪندا آھن ته ڪو مالدار مريد   سون جو تاج تحفه ۾ عطا ڪري  ﺍلله  ﺗﻌﺎﻟﯽٰ اسان جو خالق ﻭ ﻣﺎلڪ آھي ۽ الله تعالي اسان جي لاء ﺑﻌﺾ شيون  ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪرڻ  ﻣﻤﻨﻮﻉ ﻭ ﺣﺮﺍﻡ ﻗﺮﺍﺭ ڏنهيون آھن اسان کي کپي ته پنهنجي  ﺭﺏ کي  ﺭﺍضي ڪرڻ جي لاء  اهڙي حرام ڪمن کان پاسو ڪريون انهي ۾ ئي  ﺩﻧﯿﺎ ﻭ ﺁﺧﺮﺕ جي ڀلائي آھي ﺳﻮن  ﻣﺮﺩ جي لاء سخت ﺣﺮﺍﻡ ﻭ ﻣﻤﻨﻮﻉ آھي ۽  ﻋﻮﺭﺕ جي لاء ﺟﺎﺋﺰ آھي  : جنهن جو حڪم حديث مبارڪن ۾ ملي ٿو
1 ﺳﯿﺪﻧﺎ ﺍﺑﻦ ﻋﺒﺎﺱ ﺭضي الله تعالي عنه ﺭﻭﺍﯾﺖ ڪيو آھي ته  ﺭﺳﻮﻝ ﺍلله صلي الله عليه ﻭﺳﻠﻢ هڪ شخص جي هٿ ۾ سون جي منڊي ڏٺي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم  انهي جي هٿ مان ڪڊي اڇلائي ڇڏي ۽ ﻓﺮﻣﺎيو توهان مان ڪو باه جي ﺍﻧﮕﺎﺭي جو ﻗﺼﺪ ﻭ ﺍﺭﺍﺩو ڪندو آھي ته پنهنجي هٿ ۾ پهرندو آھي يعني  ﻣﺮﺩ جي لاء سون جي منڊي ﻭﻏﯿﺮﮦ کي باه جي ﺍﻧﮕﺎﺭي سان ﺗﻌﺒﯿﺮ ڪيو آھي   ﺭﺳﻮﻝ ﺍلله صلي الله عليه  ﻭﺳﻠﻢ جي  ﺗﺸﺮﯾﻒ وٺي وڃڻ کانﺑﻌﺪ ﺍنهي شخص کي چيو ويو ته پنهنجي منڊي کڻي وٺ ۽ انهي سان ﻓﺎﺋﺪو ﺣﺎﺻﻞ ڪر ته انهي شخص چيو نه الله جي ﻗﺴﻢ  ﺭﺳﻮﻝ ﺍلله صلي الله عليه ﻭﺳﻠﻢ جنهن کي اڇلائي ڇڏيو  مان انهي کي ڪڏھن نه کڻندس۔
( ﺻﺤﯿﺢ ﻣﺴﻠﻢ : 2090 ‏)

ﻣﻄﻠﺐ هي ٿيو ته سون جي منڊي نه بلڪه جهنم جي باه جو ﺍﻧﮕﺎﺭو آھي جيڪو هٿ ۾ وجهي هلندو هجي
 ۔
2 ﺳﯿﺪﻧﺎ ﺍﺑﻮ ﺍﻣﺎمه رضي الله عنه ﺭﻭﺍﯾﺖ ڪيو آھي نبي ڪرﯾﻢ صلي الله عليه ﻭﺳﻠﻢ ارشاد  ﻓﺮﻣﺎيو :
ﻣﻦ ﮐﺎﻥ ﯾﻮﻣﻦ ﺑﺎﻟﻠﮧ ﻭﺍﻟﯿﻮﻡ ﺍﻵﺧﺮ ﻓﻼ ﯾﻠﺒﺲ ﺣﺮﯾﺮﺍ ﻭﻻ ﺫﮬﺒﺎ ‏( ﻣﺴﻨﺪ ﺍﻻﻣﺎﻡ ﺍﺣﻤﺪ : 261/5 ﻭﺳﻨﺪﮦ ﺣﺴﻦ ‏)

جيڪو ﻣﺮﺩ ‏) ﺍلله ۽ ﺭﻭﺯِ ﺁﺧﺮﺕ تي ايمان رکندو هجي اوهو ﺭﯾﺸﻢ ۽  ﺳﻮن نه پهري  ۔ “

3 ﺳﯿﺪﻧﺎ ﺍﺑﻮﺳﻌﯿﺪ ﺧﺪﺭي رضي الله عنه  ﺭﻭﺍﯾﺖ ڪيو آھي ﻧﺠﺮﺍﻥ کان هڪ شخص ﺭﺳﻮﻝ ﺍلله صلي الله عليه  ﻭﺳﻠﻢ  وٽ آيو  ۽ انهي کي ﺳﻮن جي منڊي پهريل هئي  ﺭﺳﻮﻝ الله صلي الله عليه ﻭﺳﻠﻢ هن سان مونھ موڙي ڇڏيو ۽ ﻓﺮﻣﺎيو ته تون مون وٽ آيو آھين جڏھن ته تنهنجي هٿ ۾ باه جو ﺍﻧﮕﺎﺭو آھي  ۔ ‏( ﻧﺴﺎئي 5191 : ، ﻣﺴﻨﺪ ﺍﻻﻣﺎﻡ ﺍﺣﻤﺪ : 14/3 ﻭﺳﻨﺪﮦ ﺣﺴﻦ ‏

اسان جي ﺣﺎﻟﺖ ته هي آھي اسان جا رهنمان اسان جا پيشوا جنهن کي الله تعالي ﻣﺎﻝجي ﻓﺮﺍﻭﺍني سان ﻧﻮﺍﺯيو آھي  ﻓﺨﺮيه  ﻃﻮﺭتي  ﺳﻮن جون منڊيون سون جا تاج  ﻭﻏﯿﺮﮦ پهرڻ تي فخر محسوس ڪندا آھن   اگر ڪو دين جو علم نه رکندڙ شخص اهڙو غلط عمل ڪري ٿو ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي  مگر جيڪي  پنهنجو پاڻ کي دين اسلام جا پيشوا سڏائيندا آھن ۽ دين اسلام جي نالي تي خلق خداداد کي بيوقوف بنائيندا آھن   اهڙا  اگر حرام ڪمن ۾ ملوث نڪرن ٿا ته اها وڏي  پريشاني جي ڳالھ آھي    بحرحال اسان کي کپي ته  اسان ﺭﺳﻮﻝ ﺍلله صلي الله عليه وسلم  جي ﻧﺎﺭﺍﺿﮕﯽ کان بچون  اوهو شخص ڪيترو  ﺑﺪﻧﺼﯿﺐ ﻭ ﺑﺪﺑﺨﺖ ۽  ﻧﺎﻣﺮﺍﺩ ﺍﻧﺴﺎﻥ آھي جنهن کي الله تعالي ڪپڙن ۽ سون جي وجه سان ﻋﺬﺍﺏ ۾  ﻣﺒﺘﻼ ڪندو  *****“

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )