سلطان الواعظين مفتي عبدالرحيم سڪندري عليه رحمه جي لاء ڪجھ لفظ

بسم الله الرحمن الرحيم

 الصلوة والسلام عليڪ يارسول الله صلي الله تعالي اعليٰ محمد
سلطان الواعظين شمشير اعلي حضرت مفتي عبدالرحيم سڪندري   اڄ اسان ۾ موجود ناهي   اهلسنت و جماعت سنڌ جو هڪ وڏو ستون    هو سندس خطابات جنهن جو وڏو سرمايو اڄ اسان وٽ محفوظ آھي   ۽ دين حق کي سمجهڻ لاء   اسان جاهلن لاء هڪ مشعل راه به آھي   ڪنهن به قوم جا بزرگ  انهين قوم تي ڇانھ وانگر هوندا آھن   ۽ اسين  يقينن قبلا سائين جي ڇانھ پاڻ تي محسوس ڪندا هئاسين    اڄ اسان کي انهين ڪمي جو احساس جاڳي ٿو  مايوسي شريعت ۾ گناه آھي ۽ اسان مايوس ناهيون    ڪنهن به شخصيت جو ڪو ثاني مشڪل سان ملندو آھي   ۽ ڪئين اهڙيون شخصيون آھن جنهن جو ڪو ثاني ناهي  هوندو   صاحبزاده مفتي حق النبي سڪندري  جي سرمبارڪ تي  دستار جي زمه داري عائدٿي چڪي آھي  اهو سلسلو جيڪو  سلطان الواعظين جي ڪري تعطُُل جو شڪارٿيو آھي  تنهن کي صاحبزاده  مفتي صاحب کي جاري رکڻون آھي  ڪفر پرستي جو سودو کپائيندڙن سان مرد مجاهد ٿي  مونھ ڏيڻون آھي
اڄ دشمنان اسلام  طرح طرح جون چالون هلائي اسانجي اٻوجھ مسلمانن کي گمراه ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪرن ٿا  اڄ نيم سني نيم پير ٿي ڪري  پاڻ سان ڳڏ راڳ ڳائڻ وارا ملائي  اولياه الله جي مزارن تي ڊانس ڪري ۽ پاڻ کي اهلحق ٻڌائي غريب النفس مسلمانن جي ايمان سان کلواڙ ڪن ٿا  اڄ صوفيت جي نالي تي ڪئين ڍوتا  سرگرم عمل آھن  بي نمازي بي شريعتا  چار ڇھ  حضرت سچل سرمست رحمته الله عليه جا  بيت ٻڌائي  دين تي ڍاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اڄ طريقت ۽ شريعت صرف شخصيت پرستي جي چوڍار گهمندي نظر ٿي اچي  ڪو  نعره حق بلند ڪري اهڙو نظر نٿو اچي
اگر ڪو پير عبدالحليم سرهندي  جهڙو همت ڪري ڪوشش به ڪري ٿو ته مٿس  مصيبتن جا جبل  ڪيرايا وڃن ٿا ۽ ھن غريب خلاف حڪومتي مشينري استعمال ۾ آڻي  سندن مدرسو تڪ  بند ڪرائڻ    جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي  جيڪو انتهائي ظالمانه رويو آھي  ضياء الحق دور ۾  سلطان الواعظين جو  جلسو  عمرڪوٽ ۾ ٿيو هو  مان ننڊو هيس ۽ پنهنجي والد محترم سان انهن جلسي ۾ شرڪت لاء ويو هئس اهو جلسو شيعن جي گندي عقيدن تي  مبني هو  ان وقت عمرڪوٽ ۾   ڪو هڪ اڌ شخص شيعو هو  تعداد ته اڄ به وڌيڪ ناهي  مگر ان وقت صرف ايس پي  عمرڪوٽ شيعو هو  مفتي صاحب شيعن خلاف بيان شروع ڪيو  ۽ ٿوري دير بعد پوري شهرجي بجلي بند ڪئي وئي مگر مفتي صاحب   اٿي بيهي خطاب ڪيو ۽ سندس  گرجدار آواز  عمرڪوٽ جي پوري لانٻي گرائونڊ ۾  گونجدي رهي   الغرض حق کي روڪڻ جي هرممڪن ڪوشش ھرجائي تي ٿيئي ٿي  .      جيڪو اسان جو مسلڪ آ انهين ۾  ساره صرف سچي رسول صلي الله عليه وسلم.جي ٿيڻ  کپي ها مگر ڏسون پيا  ڪي نالي وارا  بزرگ  پنهنجي ساراه ۾ منقبون لکرائي پنهنجي محفلن ۾ پڙھائن پيا ۽ پڙھندڙن کي انعام اڪرام سان نوازين پيا    الغرض دين حق جو نقشو تبديل ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش جاري آھي   اهڙي عالم ۾  صاحبزاده مفتي حق النبي تي  تمام وڏي زمه داري عائد ٿيئي ٿي  سچ جو صفر تمام ڏکيو ۽ تلخ آھي سلطان الواعظين مفتي عبدالرحيم سڪندري کي شروعاتي  ڏينهن وڏي تڪليفن مان گزرڻون پيو هو    يقينن اهڙا  چئلنج  صاحبزاده  مفتي حق النبي سڪندري کي به پيش اچي سگهن ٿا   هي دور شخصيت پرستي  جو دور آھي  ڪو به خليفو  پنهنجي سياستدان  ۽ ٻين حستين جي غلطي ته تنقيد برداشت نٿو ڪري  سگهي   بحرحال مسلڪ اهلسنت وجماعت  سنڌ کي نڊر مجاهد جي سخت ضرورت آ جيڪو بنا ڪنهن تفريق جي حق کي حق ۽ باطل کي باطل   چوي  الله کين استقامت عطا فرمائي ۽ سندن فيض سان اسان کي سرفراز  فرمائي  آمين 
اگر  لفظن ۾ ڪا غلطي پيش اچي وئي آھي ته معافي جو طلبگار آھيان  .  طالب ؛ دعا: خادم اهلسنت  سلام شاهاڻي

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )