هن ترقي يافته دور ۾ جهالت جو راڄ
هن ترقي يافته دور ۾ جهالت جو راڄ
....
اسان انهي دنيا ۾ جي رهيا آھيون جنهن کي ترقي يافته دور چيو وڃي ٿو اهو به ٻڌو آھي ته هن دنيا ۾ انسان وڃي چنڊ تي پهتو آھي خير مونکي ته اهو سمجھ ئي نٿو اچي جيڪا مخلوق خالق تائين نه پهچي سگهي اها چنڊ تڪ ڪيئن پهچي وئي هون ته اسان جي قوم کي هن ترقي يافته دور ۾ صرف چند تصويرون ڏيکاري گمراه ڪرڻ جو ڪاروبار وڏي عروج سان هلي پيو اصل ۽ نقل جي جڏھن تميز ختم ٿي وئي تڏھن اسان اهڙي ترقي يافته دور ۾ هجڻ باوجود دور جهالت واري ماحول کي ڏسون پيا گلي گلي ۾ هڪ ڪامل پير الله جو ولي هجڻ جو دعويدار ويٺو آھي هاڻ ته اسان کي هن دنيا ۾ ايمان بچائڻ به مشڪل ٿي ويو آھي ته ڪنهن تي يقين ڪريون ڪنهن تي يقين نه ڪريون اسان کي ڪير سمجهائي ته اصل ۽ نقل جو امتيازي فرق ڇا آھي ڇو ته اسان وٽ ڪتب اسلامي جو مطالعو ڪرڻ جي فرصت ناهي بس ظاهري شڪل صورت جيڪا ڪجھ سٺي لڳي زبان جيڪا ڪجھ مٺي لڳي بس انهي پويان ڪاهي پئجي ٿا وڃون جڏھن ميلاد شريف و يارهين شريف جي پينافلڪس وغيره تي نظر وجهون ٿا ته پير صاحبان وغيره جا نالا به ايترا وڏا ڏکيا ۽ ڪجھ حضرات جي نالا به اهڙا ٺاهيل آھن جنهن جي وٺڻ کان اڳ وضوع فرض ٿيو وڃي ۽ وري انهن جا مزهبي ميراثي منقبتون پڙھڻ وارا جنهن جون منقبتون ٻڌي اهو محسوس ٿيندو آھي ڄڻ ڪا پير صاحب آسماني مخلوق آھي ۽ الله جي امر سان هن دور جي مسلمانن تي ڪرامتن جا مينهن وسائڻ لاء لٿي آھي وري سندن مريدن تي نظر ڪجي ته سڀ جا سڀ لکڻن جا لاڏڪا آھن مون ٻه ڏينهن اڳ نواب شاه سائيڊ جي پير صاحب جي باري ۾ ڪجھ نالائق مريدن جا ڪمينٽ ڏٺا ۽ هڪڙي عقل کان پيادي جي پوسٽ ڏٺي ته مونکي اهو خيال آيو ته اصحاب ڪهف جي ويجهو جيڪو ڪتو ويٺو هو اهو انهن کي ڏسي ڪيترو ته باادب ۽ با احترام ٿي ويو جو سندن غار واري جاء تي ويٺو رهيو يقينن حضور صلي الله عليه وسلم جي امت جا ولي جنهن کي الله تعالي اصحاب ڪهف کان به وڏو مقام و مرطبو عطافرمايو آھي پوء انهن جي صحبت و قربت اختيار ڪندڙن ۾ ادب و احترام ۽ اخلاق ڇو ناهي ڪهڙي شئي جي ڪمي آھي آخر جواب ڳولهڻ جي لاء امام رباني مجدد الفثاني شيخ احمد فاروقي سرهندي رضي الله عنه جي مڪتوبات شريف جو مطالعو ڪيوسين ظاهر آھي جيڪي نقشبندي هجڻ جا دعويدار آھن انهن لاء دليل به اهڙا ڏسبا ته حضرت صاحب اهڙن جي نشاندهي فرمائيندي لکيو آھي ته
توکي معلوم هجڻ کپي دنيا آخرت جي ٻني آھي ته انهي شخص تي افسوس آھي جنهن ڪجھ نه پوکيو اينهين ئي خالي ڇڏيو ۽ اعمال کي ضائع ڪري ڇڏيو ۽ اهو ڄاڻڻ کپي ضائع ڪرڻ خالي رکڻ ٻه طرح آھي هڪ اهو جو انهي ۾ ڪجھ نه پوکيو ٻيو اهو جو انهي ۾ ردي تخم وجهي هي ٻج کي ضائع ڪرڻ جي ٻي قسم ضرر فساد ۾ پهرين قسم کان زياده آھي جيڪا ڪنهن طرح پوشيده ناهي ۽ ٻج جي فساد آھي ته انسان پير ناقص کان طريقو اخذ ڪري ۽ انهي جي رستي تي هلي ڇوته پير ناقص پنهنجي خواهش نفس جو تابع ۽ پيروڪار هوندو آھي جنهن شئي ۾ نفساني آميزش هجي اُها موءثر نٿي ٿي سگهي اگر اثر ڪندي به صحيح ته به نفس جي ئي معاونت ڪندي انهي طرح قلب جي تاريڪي ۾ ضرور اضافو ٿيندو.
ٻي خرابي الله سبحان و تعالي تڪ پهچائڻ وارن رستن ۽ نه پهچائڻ واري رستن ۾ تميز و فرق نه ڪري سگهندو ڇوته هو پاڻ اڃان تائين غير واصل آھي
مڪتوب 23 مڪتوبات دفتر اول جلد اول....
ڳالھ ته سمجھ ۾ آئي مگر ڳالھ تمام گهرائي واري آھي هرهڪ کي سمجهڻ ٿورو مشڪل لڳندو بس ايترو ضرور چوندس جنهن پير جا مريد جهالت جي ور چڙھيل هجن پنهنجي پير جي مخالف عالمن جي توهين ڪندڙ ھجن ته پوء پڪ سمجهيو اهو تخم ٻج جو اثر آھي مزيد اهڙي دعويدارن لاء فرمايو اٿن ..
انهن جو علم انهن جي لاء ڇو مضر ۽ نقصان ده نه هجي حالانڪه جيڪو الله تعالي جي ويجهو زي عزت شئي ۽ موجودات ۾ اشرف شئي آھي انهي کي انهن هن ڪميڻي دنيا مال رجال ۽ سرداري حاصل ڪرڻ جو زريعو ٺاهي ڇڏيو آھي حالانڪه دنيا الله تعالي جي ويجهو زليل و خوار ۽ ساري مخلوق کان بدترين شئي آھي ته الله تعالي جي ويجهو عزت واري شئي کي زليل ڪرڻ ۽ الله تعالي جي ويجهو زليل شئي آھي انهي کي عزت ڏيڻ نهايت برو عمل آھي ۽ في الحقيقته الله سبحان و تعالي سان مقابلو ڪرڻ آھي درس تدريس ۽ فتوي دنيا جي لاء تڏھن فائدي مند آھن جڏھن اهي خالص الله تعالي جي رضا جي حصول لاء هجن ۽ بي جاه سرداري حصول مال و زر بلندي چاهڻ جي شبعي کان خالي هجن انهي جي علامت و نشاني هي آھي ته دنياوي شين ۾ ذھد اختيار ڪري دنيا و مافيها کان بي رعبت رهي اُهي علماء جيڪي انهي ۾ مُبتلا آھن هن ڪميڻي دنيا جي محبت ۾ گرفتار آھن در اصل اهي ئي دنيادار علماء آھن اهي ئي علماء سوء سڀ ماڻھن کان بُرا آھن ۽ ايهي ئي دين جا چور آھن حالانڪه اهي پنهجو پاڻ کي دين جو مقتدا ۽ سڀ مخلوق کان بهترين خيال ڪندا آھن مڪتوب 33 مڪتوبات دفتر اول جلد اول .....
سمجهيو وڃي ته ڪافي آھي جيئن روز روز ماڊلز عورتن جون تصويرون رسالن روزنامن تي لڳديون آھن انهي طرح پاڻ کي اهڙي رول ۾ پيش ڪندڙ دنيا ۾ پاڻ کي ڪيترو ته مخلوق کان بهترين خيال ڪندڙ آھن بس اهو ڪافي آھي اگر الله تعالي سمجھ عطافرمائي ته .....
تبصرے