ارتقاجي فرضي ڪهاڻي

ارتقا جي فرضي ڪهاڻي ڇا ٿي ٻڌائي؟
لڳ ڀڳ هڪ سؤ سال اڳ ڪيمبرج جي ڪرائسٽ ڪاليج مان هڪڙي پادري چارلس ڊارون گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ ان جو علم حياتيات يا ميڊيسن (طب) ۾ پهريان ڪوبه تجربو ڪونه هو. هُن دعوى ڪئي ته انسان هڪ جانور هو، جنهن جي ارتقا هڪ ماليڪيولي جاندار کان ٿي ۽ ان جا ابا ڏاڏا ڀولڙا هئا. ڪيترائي سائنسدان بنا سوچي سمجھي گمراهه ٿي انهيءَ ڪوڙ تي ٻڌل ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي پيا. ٿورڙي ئي عرصي ۾ ارتقا وارو مفروضو تمام زور ۽ شور سان هر هنڌ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. اهو نظريو ڪيترن ئي سالن تائين علمي ادارن ۾ اهڙيءَ طرح پڙهايو ويو ڄڻ ته اهو واقعي ڪا سائنسي حقيقت هجي.
هڪ جديد سائنسدان دوان گش (Duane Gish) چواڻي: ارتقا (يعني انسان جو جانور مان ارتقا ڪري وڌڻ) ته هڪڙو فلسفياڻو خيال آهي ۽ اصل ۾ انهيءَ جو ڪوبه سائنسي بنياد نه آهي. آر – بي – گولڊشمڊت (R.B. Gold Schmidt) جيڪو علم حياتيات جو پروفيسر آهي ۽ ارتقا واري نظريي جو پرجوش حامي آهي، سو ايتري حد تائين ديانتدار آهي ته بقول ان جي، ارتقا جي حق ۾ هن وقت تائين ڪابه شڪ ۽ شبهي کان مٿاهين سائنسي شهادت نه ملي سگھي ۽ اهو ته اهو رڳو سوچ جو هڪڙو انداز آهي. آڪسفورڊ ڊڪشنري چوي ٿي ته ڪنهن نظريي جي سائنسي حقيقت بنجڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اهو نظر اچڻ واريون حقيقتون رکندو هجي ۽ جيڪو عام قانونن هيٺ ثابت ٿيندو هجي.اگر پهرين ڀولڙي مان انسان پيدا ٿيا آھن ته هاڻ وري انسان ارتقائي منزلون تئ ڪندو  ٻي ڪنهن شڪل ۾ ڇونه پيو  اچي ؟  انهين عمل کي اسان اگر عام سنڌي ۾ چئون ته  سڄو ارتقائي فلسفو  کنوڻ تي مال ڪاهي هلڻ واري مثال آھي   اگر کنوڻ تي مال ڪاهي هلڻ جي ڪنهن کي خبر نه هجي ته ٻڌائيندو هلان ته  اسانجي ٿرپار ڪر واري علائقي ۾ جڏھن ڏڪار پوندو آھي   ته ٿرجا ماڻھون پنهنجو مال ڪاهي  سنڌ واري دريائن تي آباد ٿيندڙ علائقن ۾ اچي رهندا آھن  ۽ پوء اگر   اڀرندي سائيڊ کان رات جي وقت ۾ کنوڻ ٿيندي ڏسندا آھن ته ڪي اهڙا به هوندا آھن جيڪي پنهنجي علائقي ۾ برسات ٿي يا نه  جي بنا تصديق ڪئي مال ڪاهي واپس پنهنجي ماڳ پهچندا آھن تڏھن خبر پوندي اٿن ته برسات ته نه ٿي آھي  انهين عمل کي کنوڻ تي مال ڪاهي هلڻ  چوندا آھن  ساڳي حال هن ارتقائي سوچ رکندڙن جو آھي  صرف خيالي پلائو تي ڪم هلي ٿو  حقيقت جو پري پري تڪ ڪو وجود ناهي سنڌ ۾ جي ايم ڀڳت جهڙا ڪئين ڍوتا پيدا ٿيا جنهن ارتقا وري خيالي پلائو تي نه صرف پنهنجو ايمان برباد ڪيو بلڪه هزارين سنڌي  مسلمانن جي اولاد جو مستقبل برباد ڪري ڇڏيو   حيرت جي ڳالھ آھي اهو طبقو اگر انپڙھ جاهل هجي ها ته  ڳالھ سمجھ ۾ به اچي ها مگر  پڙھيل لکيل  ايتري جهالت تي آھن  اهو سمجھ نٿو اچي لڳي ته اينهين پيو ته انهن جو عقل شايد  ڪنهن ڳڏھ کان به گهٽ ٿي چڪو آھي نه ته پنهنجو پاڻ کي ڀولڙي جي اولاد سڏائي خوش نه ٿين ها    الله تعالي قران پاڪ ۾ فرمائي ٿو  انسان تمام مخلوق کان افضل ۽ مٿاهين شان وارو آھي   مگر  جهالت جو شڪار ٿيل انهين  تان انڪار ڪندي پنهنجو پاڻ کي ڀولڙي مان پيدا ٿيندڙ ٻڌائن ٿا   الله شل انهن کي عقل سليم عطا ڪري

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

باب جيجل ڪير (سنڌ سونهاري )

سنڌ سونهاري باب ( هڪ ٻيو نسورو ناحق )

باب علم يا اڀاڳ ( سنڌ سونهاري )